بلاول وزيراعظم جو اميدوار هوندو، سي اي سي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور (م ڊ) لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جو اجلاس بلاول هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، مهدي شاهه، قمر زمان ڪائره، منظور وساڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ چونڊ مهم ۽ منشور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملڪي سياسي صورتحال ۽ چونڊن بابت سياسي رابطن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آصف زرداري پ پ طرفان بلاول ڀٽو زرداري جو نالو وزيراعظم جي اميدوار طور پيش ڪيو. سي اي سي بلاول ڀٽو زرداري جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو