بلاول سان سول سوسائٽي اڳواڻن جي ملاقات،ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سول سوسائٽي جي وفد ملاقات ڪئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مختلف کاتن جي ماڻهن وچ ۾ اهم ملڪي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سول سوسائٽي جي وفد پاڪستان کي درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل تي پڻ ڳالهايو،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سول سوسائٽي جي وفد ملڪي مسئلن جي حل جي حوالي سان سندن تجويزن ۽ خيالن کان آگاهه ڪيو.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي خدمتن ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان احمد فراز خان ايڊووڪيٽ، بئريسٽر سيف الله غوري، بلال طارق خان،ڊاڪٽر عبدالمومن ،ڊاڪٽر ماريه حامد، ڊاڪٽر سلميٰ ملڪ، فهيم سردار، حافظ محمد طاهر، هما فواد جهانزيب دراني،ڪنول ملڪ، لبنيٰ بهات، احسن طاهر، جاويد اختر، پير محمد انور جنيد ۽ راجا محمد خان،ثانيه ڪامران، شهباز ظهير، شمع العمار ارباب، بلند سهيل، کشف احمد، طلحه رحماني، اسامه ملڪ، عثمان اقبال هندل ۽ يوسف مفتي ملاقات ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو