بشير ميمڻ جي ڪمال چانگ سان ملاقات،ن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)نواز ليگ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي هڪ ٻي وڪيٽ ڪيرائڻ لاءِ تياري ڪري ورتي،بشير ميمڻ اڳوڻي ايم اين اي ڪمال خان چانگ سان ملاقات ڪري نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، ڪمال چانگ نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته نواز ليگ ۾ شموليت بابت سڀاڻي ساٿين سان صلاح مشورا ڪندس، اُن کانپوءِ بشير ميمڻ کي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويندو،پهرين چيو هو ته پ پ ٽڪيٽ نه ڏني ته آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندس، پوءِ دوستن مشورو ڏنو ته آزاد حيثيت، بدران ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿي چونڊ وڙهجي

پهنجو تبصرو موڪليو