بشريٰ بي بي قانوني معاملن ۾ مداخلت، ٽيمون  تبديل

بشريٰ بي بي قانوني معاملن ۾ مداخلت، ٽيمون تبديل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) بشريٰ بي بي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي معاملن کان پوءِ قانوني معاملن ۾ به مداخلت ڪندي وڪيلن ۽ انصاف لائرز فورم جي ٽيمن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي قاضي انور ايڊووڪيٽ جي ذريعي سڄي ملڪ جي وڪيلن جي فهرست گهرائي آهي، قاضي انور ۽ مشعال يوسفزئي بشريٰ بي بي کي وڪيلن جي معاملن تي رپورٽ ڪندا.ذريعن ٻڌايو آهي ته بشريٰ بي بي قاضي انور کي ڪيسز تي حتمي مشاورت جو پابند ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڪيلن کي پي ٽي آءِ باني تائين پيغام پهچائڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب هن هفتي ڪي پي ڪي جي وڪيلن، عهديدارن جي تبديلين تي حتمي مشاورت بشريٰ بي بي کان ڪئي وئي، بشريٰ بي بي وڪيلن جا تڪرار حل ڪيا ۽ پي ٽي آءِ باني کي به انهي بابت آگاهه ڪيو.ذريعن ٻڌايو آهي ته قاضي انور ايڊووڪيٽ وڪيلن جي قيادت جي خرابين ۽ مسئلن تي بشريٰ بي بي کي بريف ڪيو. سيڪريٽري جنرل پي ٽي آءِ سلمان اڪرم راجا کان انهي معاملي تي موقف وٺڻ جي لاءِ رابطو ڪيو ويو پر هن انهي حوالي سان ڪنهن به قسم جو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو