بسپ ڊائريڪٽر جا سينٽرن تي ڇاپا، دڪاندارن کي ڇنڊ

ڪنب (صفدرچانڊيو) ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سکر نعيم احمد شيخ تعلقه ڪوٽڏيجي جي فيلڊ آفيسرن سان گڏجي مختلف سينٽرن تي ڇاپا هڻي مسڪين عورتن کي پيسا واپس ڏياريا. ڪٽوتي ڪندڙ دڪاندارن کي ٺاهوڪي ڇنڊ پٽيندي ڊائريڪٽر چيو ته ڪنهن به مسڪين عورت سان ڪابه ناانصافي نه ٿيندي دڪاندارن کي پابند بڻايو ويو آھي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته شڪايتي مرڪزن تي مختلف فون ڪالز موصول ٿيڻ کانپوءِ انهن ايجنٽن خلاف ڪارراوئي  شروع ڪري ڏني آھي جڏھن ته ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ ڪنب سينٽرن جون شڪايتون وڌيڪ مليون آھن جنهن سبب ڪارروائي ڪري رهيا آھيون. هن وڌيڪ چيو ته ڪنب، ٽالپروڏا، سم نالي، ڪوٽ بنگلو، نصير فقير جلالاڻي، ٻٻروڏا ۾ پڻ ڇاپا هنيا آھن جلد انهن ايجنٽن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.ايجنٽن جي نشاندهي ڪرڻ وارن جا نالا راز ۾ رکيا ويندا جڏھن ته بسپ ڊائريڪٽر ڪيترن ئي مسڪين عورتن کي شڪايتي مرڪزن جا نمبر پڻ ڏنا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو