راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نئون سال سڀني تي ڳرو هوندو، بزرگن کي اپيل آهي ته غريبن کي معاف ڪن.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته بزرگن کي گذارش آهي ته غريبن کي معاف ڪن، سندن حالتون تمام خراب آهن. شيخ رشيد چيو ته اسان پاڪستان ۾ نه هئاسين پر ڪيسن ۾ آهيون، ٻه سال ٿي ويا آهن.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته نئون سال سڀني تي ڳرو هوندو، جيڪي سوچي رهيا آهن ته نئين سال ۾ وڏي تبديلي ايندي پر ڪا تبديلي نه ايندي.هن چيو ته پيپلز پارٽي وٽ ڪجهه به ناهي، نه هو ٻڌي رهيا آهن هنن جي، جيل ۾ ملاقاتن جون تاريخون تبديل ٿي رهيون آهن، ڇا توهان سمجهو ٿا ته ڳالهين جو نتيجو نڪرندو؟










