لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانوي اخبار ڊيلي ميل وزيراعظم شهباز شريف کان معافي گهري ورتي.برطانوي اخبار ڊيلي ميل 14 جولاءِ 2019 تي هڪ مضمون ۾ الزام لڳايو ته شريف خاندان ٻوڏ متاثرن جا فنڊ چوري ڪيا.ڊيلي ميل جو چوڻ آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) شهباز شريف خلاف جاچ رپورٽ ڏني هئي، جنهن ۾ شهباز شريف به شامل هو.هاڻ ڊيلي ميل شهباز شريف کان معافي گهري ورتي آهي ۽ چيو آهي ته هو قبول ڪن ٿا ته شهباز شريف ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، هو شهباز شريف کان معافي گهرن ٿا.










