برسات کانپوءِ ٿر ۾ کمڀين جو ڪاروبار عروج تي

مٺي (لياقت نھڙيو) ٿرپارڪر ۾ بارش کانپوءِ ٿر جي خاص سوکڙي کمڀيون نڪري آيون آهن ۽ غريب ماڻهن لاءِ قدرت روزگار جو ذريعو پيدا ڪيو آهي. 400 کان 600  روپيا في ڪلو کمڀيون وڪامي رهيون آهن. ٿرپارڪر ۾ بارش کانپو۽ هڪ پاسي موسم خوشگوار ٿي وئي آهي ۽ هاري ناري، مالوند سڀ خوش آهن ته ٻئي پاسي گاه ڦٽڻ سان گڏ مختلف علائقن ۾ کمڀيون به ائين نڪتيون آهن جيئن مٿي ۾ وار هوندا آهن. ٿر ۾ کمڀين جي بھترين ڀاڄي ٺاھي وڃي ٿي ۽ صدين کان ٿرجا ماڻھو پنھنجي دوستن کي تحفي ۾ کمڀيون موڪليندا آهن. ھن وقت مارڪيٽ ۾ کمبيون 400 کان 600 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن ۽ ڪيترائي غريب ماڻهو هن قدرتي نعمت سبب پنھنجن ٻچن جو پيٽ پالين ٿا. ٿرپارڪر ۾ کمبيون بارش کان پو۽ٽين ڏينھن  ڏينھن زمين مان نڪرن ٿيون کمبين جي حفاظت ن ڪ عام طور تي بارش جي ٽئين ڏينهن تي کمڀيون نڪرنديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو