برسات سبب رستن تي پاڻي، 4 فوت، روڊ ڪليئر ڪريو، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي ايڊمسنٽريٽر مرتضيٰ وهاب کي هدايت ڪئي آهي ته برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن ۽ ڪو به روڊ رستو بند نه ٿئي. هن رستا ڪليئر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان هلندڙ وقفي وقفي سان برسات جي ڪري روڊ رستا تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 5 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا. گذريل رات کان وقفي وقفي سان جاري برسات شهر جا هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، مختلف علائقن ۾ روڊ پاڻي سان ڀرجي وڃڻ ڪري گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون خراب ٿيڻ ڪري شهرين کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو. شاهراه فيصل، ايم اي جناح روڊ، بلوچ ڪالوني ايڪسپريس وي، جوهر موڙ، نيپا پل، سفاري پارڪ، لياقت آباد، گرو مندر، ڪالا بورڊ، ملير هالٽ، سرجاني، ناگن چورنگي، حيدري، گارڊن، ڊفينس، ڪلفٽن، صدر، لياري، شير شاهه ۽ ٻين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. جڏهن ته برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ هڪ ٻارڙي سوڌو 4 ماڻهو فوت ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪلفٽن شاهه رسول ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ گهر جي ٻاهر راند کيڏندڙ 4 سالن جي تانيه دم ڏئي ڇڏيو، لياقت آباد ۾ 50 ورهين جو صابر، لائيٽ هائوس جي  چمپل گهٽي  ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ساجد لوڌي ۽ بلديا جي علائقي  ۾ ياسين ڪرنٽ لڳڻ سبب موت جي ور چڙهي ويو. واضح رهي ته ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ اڄ نجي اسڪولز بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انٽر بورڊ جا اڄ ٿيڻ وارا امتحان ۽ پريڪٽيڪل به ملتوي ڪيا ويا آهن، جن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو