برسات جي تباهي،بااثر جو ظلم،ڳوٺاڻن جو احتجاج

برسات جي تباهي،بااثر جو ظلم،ڳوٺاڻن جو احتجاج

ٽنڊوباگو (ن سنڌيار) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ مبين ٿيٻو جي ڳوٺاڻن بشير ٿيٻو، سچ ڏنو ٿيٻو، واحد بخش خاصخيلي، اعظم ميمڻ، دودو خاصخيلي، آصف خاصخيلي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي ته ھڪ پاسي برسات تباھي مچائي ڇڏي مٿان وري ھيٺ جي با اثر زميندارن ڇنڊڻ بند ڪري ويتر ٻوڙي غريبن جا ڪيترائي ڪکاوان گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا آھن. سوين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽي ۽ ساريال جا فصل برساتن ۾ ٻڏي سڙي تباھ ٿي ويا آھن جنھن سبب آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي. انتظاميه پاران ڪابه سار نه لڌي وئي آھي. متاثر ڳوٺاڻن ايريا واٽر بورڊ بدين جي چيئرمين قبول محمد کٽياڻ، ڊپٽي ڪمشنر بدين سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته اسانجي ڳوٽ ۽ زمينن مان جلد پاڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو