برسات جو پاڻي تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، شهري عذاب ۾

برسات جو پاڻي تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، شهري عذاب ۾

خانپور(زبيرگل) ٽائون ڪاميٽي خانپور جي بي حسي ۽ بي ڌياني سبب شھر واسي عذاب م مبتلا ٿي ويا آھن، ھڪ ڏينھن جي برسات ٽائون انتظاميه جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا  آھن 3 ڏينھن گذرڻ باوجود برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو. شھر جي مين عيد گاھ روڊ،  يو بي ايل بينڪ چؤڪ، اردو اسڪول، چؤڪ، سميت ڪيترن چؤڪن تان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي، جنھن سبب برساتي پاڻي جا تلاءَ نظر اچي رھيا آھن ۽ دڪانن اڳيان پاڻي بيھجي وڃڻ سبب ڪاروبار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳي رھيو آھي، ء برسات جو پاڻي بيھجي وڃڻ سبب مڇرن ۾ اضافو اچي ويو آھي مليريا سميت ڪيترن بيمارين منھن ڪڍيو آھي.

رستن تان گذرڻ ۾ عورتن،  ٻارڙن، پوڙھن سميت شھرين کي ڏکيائن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، شھري واسين دانھيو ته ٽائون ڪميٽي جي لکين روپين جي بجيٽ خبر نه ٿي پوي ڪٿي خرچ ٿئي شهر ۾ صفائي نه هجڻ ڪري ٽائون انتظاميه جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چري. شھر واسين مڪاني کاتي جي صوبائي وزير ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان نوٽيس وٺي صفائي جو نظام بھتر ڪري برسات جو بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو