بحرين جي شاهي خاندان کي سنڌ ۾ تلور جي شڪار جي اجازت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ بن خليفه ۽ سندس شاهي خاندان جي مختلف ماڻهن کي ناياب نسل جي مهمان پکي تلور جي شڪار جي پرمٽ جاي ڪري ڇڏي آهي. جنهن موجب هو في پرمٽ تي هو 10 ڏينهن ۾ 100 تلور شڪار ڪري سگهندا. تلور جي شڪار ۾ اضافي سبب هن پکي جي نسل ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ ملڪي قانون موجب پاڪستاني شهرين کي ان جي شڪار جي اجازت ناهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل پروٽوڪول موجب پهرين نومبر کان 31 جنوري تائين 3 مهينا تلور جي شڪار جي اجازت هوندي آهي. وچ ايشيائي ملڪن ۾ ٿڌ ۾ اضافي بعد هي مهمان پکي پاڪستان جو رخ ڪندو آهي ۽ بهار جي مند ۾ واپس هليو ويندو آهي.

تلور پکي بابت عام راءِ آهي ته سيڪس لاءِ بهتر آهي، فائيل فوٽو سنڌيار

ڊان نيوز جي خبر موجب پرڏيهي کاتي جي ڊپٽي چيف آف پروٽوڪول عديل احمد جي صحيح سان جاري ڪيل پرمٽ موجب جاري ڪيل پرمٽ موجب بحرين جي بادشاهه کي شڪار لاءِ سڄو ڄامشورو ضلعو ڏنو ويو آهي.سندس چاچي شيخ ابراهيم کي سجاول ضلعي جو تعلقو شاهه بندر، مشير دفاع شيخ عبدالله بن سلمان الخليفه کي جاتي، بادشاهه جي سوٽ ۽ بحرين جي وزير داخله شيخ راشد بن عبدالله الخليفه کي نوشهروفيروز ۽ جعفر آباد، بادشاهه جي هڪ سوٽ شيخ خالد بن راشد بن عبدالله الخليفه کي ٽنڊو محمد خان ۽ ٻئي سوٽ شيخ احمد بن علي الخليفه حيدرآباد ۽ ملير ڌاٻيجي ۽ ملير ڪينٽ جو علائقو تلور جي شڪار لاءِ الاٽ ڪيو ويو آهي.

عرب شڪاري بلوچستان جي علائقي ۾ شڪار ڪيل تلورن سان گڏ، سنڌيار فائيل فوٽو

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بحرين جي بادشاهه وزيراعظم عمران خان کي اعليٰ سويلين اعزاز سان نوازيو هو. عرب شڪاري بازن، بندوق ۽ ڄار ذريعي شڪار ڪندا آهن. اقتدار کان اڳ وزيراعظم ناياب نسل جي پکين جي شڪار جو سخت مخالف هو ۽ عرب شڪارين کي پرمٽ جاري ڪرڻ تي تنقيد ڪندو هو پر شايد هي هڪ زندگي جو وڌيڪ يو ٽرن ورتو اٿس.

پهنجو تبصرو موڪليو