اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت طرفان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ رڪارڊ ٽيڪسز ۽ بجلي جي قيمت ۾ واڌ خلاف راولپنڊي، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ واپارين احتجاج ڪيو آهي.راولپنڊي ۾ واپاري تنظيمن جي گروپ بندي سبب سمورين مارڪيٽن ۾ علامتي طور تي 2 ڪلاڪن تائين شٽربند نه ٿي سگهيا پر واپارين احتجاجي ريلي ڪڍي.واپارين بجلي جي بلن ۾ لڳايل ٽيڪسز جي خلاف نعريبازي ڪئي ۽ گيس جا بلز به ساڙي ڇڏيا. راولپنڊي جي بينڪ روڊ تي احتجاجي مظاهري ۾ ڪشمير روڊ، حيدر روڊ ۽ ٻين بازارن جا واپاري به شامل ٿي ويا. واپارين جي هڪ ڌڙي 4 وڳي تائين علامتي طور تي ڪاروبار بند رکي احتجاج به ڪيو.ٻئي پاسي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ خلاف آل پاڪستان انجمن تاجران جي سڏ تي آبپاره چوڪ ۾ واپارين احتجاج ڪيو ۽ آبپاره جو مرڪزي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. روڊ بلاڪ ٿيڻ کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پهتي جڏهن ته سموري شهر جي واپارين جا قافلا آبپاره چوڪ احتجاج جي لاءِ پهتا.ان کان علاوه پشاور ۾ ٽيڪس جي لاڳو، بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي جي خلاف واپارين احتجاجي ريلي ڪڍي. واپارين جي تنظيمن طرفان ميلاد چوڪ کان يادگار چوڪ تائين ريلي ڪڍي. ريلي ۾ شريڪ مظاهرين بجيٽ ۾ لڳايل ٽيڪس جي خاتمي، بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.










