بجيٽ ۾ لڳل ڳرا ٽيڪس لڪائڻ لاءِگوڙ ڪرايو ويو، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت بجيٽ جون حقيقتون ۽ لڳايل نوان ٽيڪس لڪائڻ لاءِ اپوزيشن جو آواز دٻائي رهي آهي، عمران خان گارگند ۽ بدتميزي ڪرائي بچي نٿو سگهي، هن چيو ته عمران خان جي بجيٽ ۾ 700 ارب رُپين جا ٽئڪس لڳايا ويا، ڊيري صنعت تي به 17 سيڪڙو وڌيڪ ٽئڪسز لڳائي ڇڏيا، مهانگائي تبديلي جو اثر چهرو آهي، تيل ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ مهانگائي جو ٻيو سونامي آڻيندي ڇڏي، ملڪ ۾ هر ٽن مان هڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو