بجلي جي تار لڳائڻ تان جهيڙو،فائرنگ، فوت

رتوديرو(عطاءُاللہ بروهي) فتح پور پاڙي ۾ سومرا ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ بجليءَ جي تار هڻڻ واري ڳالهه تان جيهڙو ٿي پيو جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 46 سالن جي محمد پنڃل پُٽُ کبڙ خان سومرو کي سيني ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو نيوويو جتي  زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ٻئي پاسي پوليس لاش کي تعلقه اسپتال رتوديرو آندو جتي قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو