اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بجلي جي بلن ۾ اوور بلنگ ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سڄي ملڪ ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.هن ايف آءِ اي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو اوور بلنگ ۽ بجلي چورن خلاف 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاري.محسن نقوي چيو ته اوور بلنگ عوام سان ظلم جي مترادف آهي، ان ۾ ملوث عملو ڪنهن رعايت جو مستحق ناهي، اوور بلنگ جي معاملي تي عوام کي فوري رليف ڏنو وڃي.گهرو وزير وڌيڪ چيو ته بجلي چوري تي ضابطو آڻڻ لاءِ بلوچستان، خيبرپختونخواهه جي حساس علائقن ۾ ايف آءِ اي کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.










