لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته اضافي يونٽ ۽ اوور بلنگ بجلي صارفين تي ظلم آهي.اهڙو اظهار لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ ڪيو آهي.سندس چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو اثرائتو آهي.جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ مطالبو ڪيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ اضافي يونٽ ختم ڪري صارفين کي نوان بل جاري ڪيا وڃن.هن چيو ته بجلي جي اگهن ۽ ٽيڪسن ۾ واڌ خلاف 12 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو.لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته عوام، واپارين، صنعتڪارن، ملازمن آءِ ايم ايف جي حڪومتي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو. نائب امير جماعت اسلامي پاڪستان جو اهو به چوڻ آهي ته حڪومت کي بجلي جي بلن تي ڳري ٽيڪس ختم ڪرڻا پوندا.










