بجلي، گئس ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف شهيد ڀٽو جو احتجاج

جيڪب آباد(زين سرڪي ) پي پي پي شهيد ڀٽو پاران شهر ۾ گئس، بجلي ۽ پيئڻ جي پاڻي  جي عدم فراهمي ۽ هٿرادو لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. شهيد ڀٽو هائوس کان ندين قريشي ، ماما منظور ڀٽو ، نور محمد منجھو، خالد ٻرڙو ، عبدالسميع سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جيڪب آباد ايشا جو گرم ترين علائقو آهي ۽ ڊگھي لوڊشيڊنگ جي ڪري عوام جو سخت گرمي ۾ جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. هنن چيو ته گئس جي کپت انتهائي گھٽ آهي پر ان جي باوجود به گئس جو پريشر گھٽ آهي. هنن چيو ته شهر ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي به کوٽ آهي. هنن چيو ته عوام ايڪويهين صدي ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هنن چيو ته چوڊنڊيل نمائيندا ووٽ وٺڻ بعد هن شهر کان لاتعلق بڻيل آهن ۽ ضلعي انتظاميه به شهرين کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنادير شهر مان بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري شهرين کي پيئڻ جو مٺو پاڻي مهيا ڪيو وڃي نه ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو