باهه لڳڻ جي ٽن واقعن ۾ 11 گهر ۽ 7 ٻڪريون سڙي ويون

دادلغاري/ جروار(نمائندن وٽان) ڳوٺ ڪمال خان لغاري ۾ چلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب ڇھن گھرن کي باهه لڳي وئي، جڏهن ته جروار لڳ ڳوٺ پير بخش چاچڙ ۽ حيات پتافي ۾ پڻ پنجن گهر باهه سبب سڙي رک ٿي ويا. ڪمال لغاري ۾ لڳل باهه سبب ياسين لغاري، موسيٰ، رياض ۽ راحب لغاري جا گهر سڙي ويا هئا. جنهن سبب گھرن ۾ پيل اناج، ٻڪرين سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو هو.

هوڏانهن جروار مان مليل اطلاع موجب ڳوٺ پيربخش چاچڙ ۾ ڦٽاڪن ڦاڙنڻ سبب گهرن کي باهه لڳي جنهن سبب الهبچايو چاچڙ، سچل چاچڙ، محمد بچل چاچڙ ۽ صالح چاچڙ جا گهر سڙي ويا هئا. هنڌ بسترا ۽ ٻيو سامان به سڙي خاڪ ٿي ويو. ٻنهي واقعن ۾ فائر برگيڊ جون گاڏيون اطلاع باوجود دير پهتيون. ان کانسواءِ حيات پتافي ۾ مقصود ميراڻي جي گهر کي به ٻارن جي ڦٽاڪن مان سندس ڇپر کي باهه لڳي ۽ ڇپر اندر بيٺل چار ٻڪريو ۽ ٽي ڦر سڙي ويا. متاثرن ضلعي انتظاميا کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو