ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن هيسين جي اڳواڻي هيٺ 12 رڪني اعليٰ سطحي وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ورلڊ بينڪ جي مجموعي پورٽ فوليو تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته وڏي وزير جي معاونت صوبائي وزيرن ايشور لال، عمر سومرو، رعنا حسين، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، سيڪريٽري بلديات منظور شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن ڪئي. چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو ورلڊ بينڪ جي ٽيم کي صوبي ۾ جاري منصوبن جي اڳڀرائي ۽ مسئلن بابت آگاهه ڪيو. سنڌ ۾ عالمي بينڪ تحت 3218.3 ملين ڊالرن جا 13 وڏا منصوبا جاري آهن جن مان هيستائين 29 سيڪڙو يعني 947.8 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن. هلندڙ مالي سال دوران عالمي بئنڪ 415 ملين ڊالرز جاري ڪرڻا آهن جن مان 133.8 ملين ڊالر جاري ڪيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ (SSEP) تي ڪم جاري آهي جنهن تحت 34 سائيٽن مان 33 سائيٽن تي سولر لڳائڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ورلڊ بئنڪ جي وفد کي يقين ڏياريو ته ڪم ۾ دير ٿي آهي پر اهو 30 نومبر 2023ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. ڪمپيٽيٽو اينڊ ليوايبل سٽي ڪراچي (CLICK) پروجيڪٽ تي بحث ڪندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ پراپرٽي ٽيڪس سروي ۾ دير ٿي ۽ هاڻي مارچ 2024ع ۾ شروع ڪئي ويندي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته سيٽلائيٽ اميجري ڊيٽا جي خريداري ۽ سافٽ ويئر ڊولپمينٽ مارچ ۾ مڪمل ٿي ويندي. اجلاس ۾ ڪراچي موبيلٽي پروجيڪٽ تحت ڄام صادق پل جي تعمير جي منصوبي تي پڻ غور ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته مالياتي تجويزن جو جائزو ورتو پيو وڃي. BRT YELLOW LINE جي خريداري جو اڳ ۾ ئي اشتهار ڏنو ويو آهي ۽ تجويزون 15 نومبر 2023 تائين وصول ڪيون وينديون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بي آر ٽي ييلولائين 10 ڪلوميٽر ڪوريڊور جي ڊيزائن ۽ ٽينڊر دستاويز کي ايندڙ مهيني تائين حتمي شڪل ڏني ويندي. اجلاس ۾ ’سنڌ ۾ سوشل سيڪيورٽي ڊيليوري سسٽم کي مضبوط ڪرڻ‘ جي منصوبي تي غور ڪيو ويو ۽ ان منصوبي کي جلد کان جلد شروع ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري سوشل ڊولپمينٽ کاتي کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ورلڊ بئنڪ کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ايريگيٽڊ ايگريڪلچر پراڊڪٽيوٽي امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت 1593 مان 845 واٽر ڪورس بحال ڪيا ويا آهن. 56 واٽر اسٽوريج ٽينڪن مان 40 بحال ڪيا ويا آهن ۽ 16 تي ڪم جاري آهي. اجلاس ۾ ٻن مهينن کانپوءِ ٻيهر منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
