بارودي سرنگهه ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب پورهيت فوت

ڪشمور(جي ايم کوسو) سبي ويجھو لھڙي کان ڪجھ مفاصلي تي گوگي ناله ۾ ڳوٺاڻو پنھنجي ڳوٺ کان مزدوري لاءِ گڏھ گاڏي تي سوار ٿي شھر طرف وڃي رھيو ھو ته جيئن گوگي ناله تي پھتو ته رستي ۾ زمين اندر پوريل بارودي سرنگھ جي مٿان چڙھي وئي ته ايڏو خوفناڪ ڌماڪو ٿيو جنھن جي ڪري گڏھ ريڙھي سوار مزدور سڪندر علي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ياد رھي ته مزدور جو لاش ڌماڪي سان اڏامي وڃي 20 فوٽ کن پري وڃي ڪريو جڏھن ته ڌماڪي واري ھنڌ وڏو کڏو ٿي پيو. ڌماڪو ايترو شديد ھو جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو. ھوڏانھن واقعي واري ھنڌ ليويز ۽ ايف سي جا اھلڪار پھچي علائقي کي گھيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو