بادوخان شر ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو،2 ڄڻا قتل،علائقي ۾ خوف

سلطانپور(ن س)سلطانپورڀرسان ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بادوخان شر ۾ پراڻي زميني تڪرار تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو پيرجو ڳوٺ خيرپور کان فيصلي لاء آيل شر برادري جي ھٿياربندن پاران موقعي جو فائدو وٺندي اوچتو انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ھدايت الله پٽ مير محمد شر ۽ عابد علي پٽ عطامحمد شر قتل ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا عطامحمد پٽ قبول خان ۽ محمد عمر پٽ انور علي شر سخت زخمي ٿي پيا جنهن بعد واقعي جو اطلاع ملڻ تي سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي پوليا واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولين جا لاش پوسٽ مارٽم ۽ زخمين کي علاج لاء پنوعاقل ۽ روھڙي اسپتالن ۾ پھچايو ,خوني جھيڙي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء سلطانپور ڪينٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪنٽرول سنڀالي ورتو جڏھن تـ فائرنگ ڪري فرار ٿيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاء سلطانپور,سانگي ۽ دبر ٿاڻن جي حد ۾ ناڪابندي ڪئي وئي ۽ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا ڪمند جي سوين ايڪڙ بيٺل فصل ۾ لٿل آھن اوچتو پيش آيل خوني واقعي ۾ فائرنگ بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو آھي ٻئي پاسي ميڊيا ٽيم پاران موقف پڇڻ تي ايس ايڇ او سلطانپور محمد خان سيال ٻڌايو تـ واقعو پراڻي زميني تڪرار تان پيش آيو آھي ڪينٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪنٽرول ڪري ورتو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو