باجوڙ ۾ پوليس ٽرڪ ويجهو ڌماڪو، 5 اهلڪار شهيد

باجوڙ (ويب ڊيسڪ)باجوڙ جي تحصيل ماموند ۾ پوليس ٽرڪ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد ۽ 10 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب ڌماڪو تحصيل ماموند ۾ بيلٽ فراش پوليس جي گاڏي ڀرسان ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد ۽ 10 زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار پوليو مهم جي ٽيم کي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته سندن گاڏي کي ڌماڪو ٿيو.ڌماڪي جي زخمين کي خار اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو