باجوا جي مدي ۾ واڌ غلطي هئي، افغان طالبان پاڪستان مخالف ناهن

باجوا جي مدي ۾ واڌ غلطي هئي، افغان طالبان پاڪستان مخالف ناهن

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف مون کي نااهل ڪرائڻ چاهي ٿو ۽ لڳي ٿو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي.اڳوڻي وزيراعظم پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن سان زمان پارڪ لاهور ۾ ملاقات ڪئي ۽ چيو ته پهريون ڀيرو عوام رجيم چينج کي قبول نه ڪيو.هن چيو ته پنجاب ۾ اهڙن ماڻهن کي آندو پيو وڃي، جيڪي 25 مئي جي واقعن ۾ ملوث هئا، ائين ٿو لڳي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي.سندس چوڻ هو ته اهڙيون انتقامي ڪارروائيون اڳ ڪڏهن نه ڏٺيون، ڄڻ ته هاڻ به جنرل باجوا جي پاليسي هلي رهي آهي، جنرل باجوا لابنگ ڪري حسين حقاني ۽ ٻين ماڻهن کي رکرايو، اهي ماڻهو آمريڪا ۾ منهنجي خلاف لابنگ ڪري رهيا هئا، مڃان ٿو ته باجوا کي واڌ ڏيڻ وڏي غلطي هئي.عمران خان چيو ته اسان دهشتگردي کي برداشت نٿا ڪري سگهون، افغان طالبان پاڪستان مخالف ناهن.هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف مون کي نااهل ڪرائڻ چاهي ٿو، قانون جي عملداري سان ملڪ اڳتي ويندو، ڪير ٻڌائيندو ته ڊالر ۽ پيٽرول ڇو مهانگو ٿي رهيو آهي؟

پهنجو تبصرو موڪليو