بااثر زمين تي قبضو پيو ڪري، تحفظ ڏيو، استاد

ڪنب(صفدرچانڊيو) ڳوٺ قناصرا جي رهواسي استاد محمد خان پنهيار زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بااثر محمد عرس پنهيار سياسي پشت پناهي هيٺ سندس ابن، ڏاڏن جي ذاتي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. هن دعويٰ ڪئي روزانو پسٽل کڻي منهنجي گهر اڳيان بيٺو آھي ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي. ھن ڊي آءِ جي سکر۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪندي چيو ته سرزمين تي انڪوائري رکرائي وڃي ۽ بااثرکان تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو