بااثر جي ڏاڍائي، غريب جي زمين تي هٿياربند ويهاري ڇڏيا

صوڀوديرو( مظهر علي منڱڻيجو) ڳوٺ چنگل خان ڀٽو جي نثار احمد حطار، نبي بخش ڀٽو، عبدالخالق ڀٽو، حبيب الله ڀٽو ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيوته منهنجي ديھ ميرڪ ۾ 3 ايڪڙ زرعي زمين جنهن جو مون وٽ کاتو موجود آهي، مان اها زمين علي حسن ڀٽو کي هڪ سال جي لاءِ مقاطي طور ڏني هئي جنهن ۾ کجين ۽ انبن جو باغ پڻ موجود آهي. جڏهن ته علي حسن ڀٽو جو هڪ سال وارو پورو ٿي چڪو آهي پر هنن اسان کي زمين واپس ڏيڻ بدران ويتر ان زمين تي هٿياربند ويهاري ۽ قبضو ڪري ڇڏيو آهي. هنن وڌيڪ دانهيندي چيو ته بااثر علي حسن ڀٽو ۽ گل حسن ڀٽو اسان مٿان سوڀوديرو ٿاڻي تي گهر ۾ گهڙي تشدد ڪرڻ جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي ايس ايڇ او سوڀوديرو عبدالجبار ميمڻ ڳري رشوت عيوض بااثرن جو ونگارو پڻ بڻيل آهي جنهن بناجواز اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان جي گهرن ۾ گهڙي ڦرلٽ ڪئي آهي. هنن وڌيڪ چيوتہ بااثر گل حسن ڀٽو جي پٺ ڀرائي ڪندڙ سڪندر ميربحر اسان کي روز فون تي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪو ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ان سموري معاملي جي انڪوائري ڪري اسان جي  زمين تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي اسان کي انصاف فراھم  ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو