ڪراچي (شهزادو مستوئي) احتساب عدالت عوام سان ساڍا ٽن ارب روپين جو فراڊ ڪندڙ بلڊر حاجي آدم جوکيو جي پلي بارگين واري درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪاوڙ ڪندي ملزم کي جيل موڪلي ڇڏيو. 27 سال اڳ ڪراچي ۾ هائوسنگ اسڪيم جي پلاٽنگ جي نالي تي عوام سان فراڊ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل مشهور بلڊر حاجي آدم جوکيو پاران پلي بارگين ذريعي ٻه ارب کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ واري درخواست تي عدالت اهڙو فيصلو ڇنڇر تي جاري ڪيو. عدالت نيب پاران پلي بارگين بابت داخل ڪيل درخواست تي حڪم ڏنو ته جوابدار پهريان متاثرن کي الاٽ ڪيل زمين ڏئي ان کان پوءِ ئي پلي بارگين جي درخواست تي فيصلو ڪيو ويندو. هن تي هائوسنگ اسڪيم جي نالي تي عوام سان ساڍا 3 ارب رپيا فراڊ ڪرڻ جو الزام آهي. ان موقعي تي متاثر پڻ وڏي تعداد ۾ عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته ان موقعي تي نيب حاجي آدم جوکيو کي عدالت ۾ پيش ڪندي چيو ته جوابدار پلي بارگين تحت نيب کي فراڊ واري رقم ٻه ارب رپيا ادا ڪري رهيو آهي جنهنڪري ساڻس پلي بارگين جي ڪارروائي کي مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نيب جي وڪيل کي به ڇنڊ پٽي ته متاثر گذريل 27 سالن کان ڌڪا کائي رهيا آهن انهن جو ڇا ٿيندو. اڳ ۾ متاثرن جو ازالو ٿيندو پوءِ پلي بارگين جي درخواست تي فيصلو ڪنداسين. عدالت چيو ته هن ملڪ کي مذاق بڻايو ويو آهي. جوابدار عوام سان وڏي پئماني تي فراڊ ڪيو ۽ دوکو ڏنو آهي، نيب ڪهڙي قانون تحت جوابدار کي آزاد ڪرڻ چاهي ٿي؟ عدالت نيب پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر کي مخاطب ٿيندي چيو ته سوين ماڻهو ڪافي عرصي کان ڌڪا کائي رهيا آهن. انهن کي ڦرڻ جو ڏوهه ڪنهن ڪيو آهي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ڪمپني شهرين کان پلاٽن جي الاٽمينٽ جي نالي تي پئسا ورتا ۽ پلاٽ نه ڏنا جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڏوهه ڪمپني ڪندي آهي يا ڪو فرد ڪندو آهي ڪنهن کي بيوقوف ٺاهي رهيا آهيو؟. ان موقعي تي عدالت متاثرن ماڻهن کي حلف نامه جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته متاثرن کي پلاٽ ملڻ بعد پلي بارگين واري درخواست تي فيصلو ڪيو ويندو. ياد رهي ته هڪ مهينيو اڳ نيب حاجي آدم جوکيو کي گرفتار ڪري ورتو هو.










