گمبٽ (ن س) اڳڙا ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن اسڪول ويندڙ نوجوان استاد کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، تازو استاد ڀرتي ٿيل استاد وسيم کوکر ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني،لوندڙيءَ ۾ گولي لڳڻ سبب وسيم کوکر ٿڏي تي دم ڏنو، وارثن پوسٽ مارٽم لاءِ لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو










