اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو نااهلي وارو فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي نااهلي بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.اڳوڻو چيئرمين پي ٽي آءِ جو وڪيل شعيب شاهين اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو.وڪيل شعيب شاهين چيو ته اسان انٽرا پارٽي چونڊن جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو آهي، هاڻي اهو ڪيس ختم ٿيڻ گهرجي، قانوني طور هي معاملو ختم ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته پارٽي کي نئون چيئرمين آهي.شعيب شاهين چيو ته اڪبر ايس بابر درخواست داخل ڪري رهيو آهي جيڪڏهن توهان ان ڪيس جي پيروي ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان جي پيروي ڪريو.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته توهان خالد محمود کي موقعو ڏئي رهيا آهيو ته هو نئين چيئرمين خلاف به درخواست داخل ڪري.درخواستگذار خالد محمود چيو ته توهان آرڊر ۾ لکي ڏيو ته پي ٽي آءِ جو اڳوڻو چيئرمين سزا يافته آهي ۽ پارٽي ۾ ڪنهن به عهدي تي نٿو رهي سگهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ اليڪشن نه وڙهي آهي، ان بابت ڪجهه نٿا چئي سگهون. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين جي چونڊ بابت رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو