اڳوڻي وائيس چانسلر سوڌو 50 جوابدارن جي عدالت ۾ پيشي

حيدرآباد (ن سنڌيار) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت پڪو چالان پيش نه ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ ٻين خلاف داخل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر فتح محمد برفت سميت لڳ ڀڳ 50 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جوابدارن جي وڪيل چيو ته ڪيس جوابدارن جا بيان ۽ سندن وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد پڪي ضمانت لاءِ رکيل هو، اينٽي ڪرپشن عملي گهربل رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت گهري هئي، ان ڪري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن پوليس جو جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته اسان 80 سيڪڙو رڪارڊ عدالت کي فراهم ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي پڪو چالان پيش ڪيو ويندو، واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن ڄامشورو پوليس سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ ڪروڙين رپيا ڪرپشن جو ڪيس اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سميت ٻين خلاف داخل ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو