اڳوڻو گهرو وزير فيصل صالح حيات(ن) ليگ ۾ شامل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ ) اڳوڻي گهرو وزير مخدوم فيصل صالح حيات نئين منزل طئي ڪندي پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۾ شامل ٿي ويو آهي. فيصل صالح حيات جي(ن) ليگ ۾ شموليت جو باضابطه اعلان اڄ ٿيندو. مسلم ليگ(ن) جو صدر شهباز شريف اڄ شاهه جيونه روانو ٿيندو جتي مخدوم فيصل صالح حيات طرفان سندس اعزاز ۾ آجياڻي تقريب جو اهتمام ڪيو آهي. مخدوم فيصل صالح حيات نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته علائقي جي معزز شخصيتن ۽ ووٽرن مسلم ليگ(ن) ۾ شامل ٿيڻ جي راءِ ڏني جنهن کان پوءِ مون(ن) ليگ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو