ڊي جي خان(ويب ڊيسڪ) پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير عثمان بوزدار جعلي زمين منتقلي ڪيس ۾ بري ٿي ويو. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار خلاف ڪيس جي ٻڌڻي اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جج نويد احمد قريشي ڪئي، جنهن دوران عثمان بوزدار عدالت ۾ پيش ٿيو.عثمان بوزدار ۽ سندس ڀائرن تي 900 ڪنال زمين جي جعلي ڊگرين جو الزام هو، جنهن تي اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.جاچ ٽيم عثمان بوزدار ۽ سندس ڀائرن کي بيگناهه قرار ڏيندي عثمان بوزدار خلاف داخل ڪيس ڪوڙو قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.










