اڳوڻو مڙس ڪوڙو ڪيس ڪرائي پيو: ماڊل صوفيه مرزا جو الزام

اڳوڻو مڙس ڪوڙو ڪيس ڪرائي پيو: ماڊل صوفيه مرزا جو الزام

لاهور(شوبزنيوز)اداڪارا صوفيه مرزا اڳوڻي مڙس تي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته عمر فاروق ظهور دبئي ۾ ويهي منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهي رهيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوفيه مرزا چيو ته 10 سالن کان پنهنجي نياڻين سان نه ملي آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ مريم نواز کي اپيل ڪئي ته کين واپس آندو وڃي.صوفيه مرزا چيو ته ڌيئرن کان ڌار ٿيڻ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي، اڳوڻو مڙس عمر فاروق ظهور منهنجي ڌيئرن کي صدف ناز جون ڌيئرون ڏيکاريندي دبئي وٺي ويو.ماڊل ۽ اداڪارا مون تي منهنجي شهرت کي نقصان پهچائڻ، بي بنياد الزام هڻڻ ۽ ڌمڪيون ملڻ جا الزام هنيا.

پهنجو تبصرو موڪليو