اگهن تي ڪنٽرول ڪرائڻ انتظاميه جي ذميواري آهي؛ چيئرمين

ٽنڊومحمدخان (لال بخش سٺيو) شهر ۾ وڌندڙ ھٿرادو مهانگائي بابت چيئرمين مارڪيٽ ڪميٽي ٽنڊو محمد خان سيد حسين شاھ لڪياري روزاني سنڌيارسان ويچار ونڍيندي چيو آھي ته اگھن تي ڪنٽرول ڪرائڻ انتظاميه جي ذميواري آھي. ريٽ لسٽ روزاني جي بنياد تي ڊپٽي ڪمشنر کان ويندي اسٽنٽ ڪمشنرز، ضلعي چيئرمين، ٽائون ۽ ميونسپل اختيارين تائين پهچائي ويندي آھي. ڊي سي واعدو ڪيو آھي ته لسٽ کان مٿي اگھ وٺندڙ واپارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو شھري خريداري کان اڳ ريٽ لسٽ ڏسڻ جا عادي ٿين ۽ دڪاندارن کان خريد ٿيل ائٽمن جو ووچر طلب ڪن. هن چيو ته شهرين جي ڀرپور تعاون سان هٿرادو مهانگائي کي مات ڏئي سگهجي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو