اڪبر ايس بابر کي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ موقعو ملڻ گهرجي ها: پلڊاٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي (پلڊٽ) جي سربراهه احمد بلال محبوب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ ووٽر لسٽ نه ڏني وئي، اڪبر ايس بابر کي وڙهڻ جو پورو موقعو ڏنو وڃي ها.پلڊٽ جي سربراهه احمد بلال محبوب چيو آهي ته مان نه ٿو سمجهان ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن سٺي نموني ٿي.سندس چوڻ هو ته تڪڙي اليڪشن ڪرائڻ پي ٽي آءِ جي حق ۾ ناهي، مان سمجهان ٿو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن تڪراري آهي.چيف پلڊٽ اهو به چيو ته سياسي پارٽين جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ شفافيت ناهي، سياسي پارٽيون ملڪ ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊن جي ڳالهه ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو