اڏيرو لال ويجهو 2 معصوم ڀيڻ ڀاءُ ٿيليسيميا مرض ۾ مبتلا

اڏيرو لال (ن س) اڏيرو لال اسٽيشن ويجهو 2معصوم ڀيڻ ڀاءُ ٿيليسيميا مرض ۾ مبتلا ، اڏيرو لال اسٽيشن ويجهو ڳوٺ نواز علي مڱڻهار ۾ 2معصوم ڀيڻ ڀاءُ ٿيليسيميا مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن پورهيت عباس علي مڱڻهار موجب 2ورهين جي ڌيءَ شاهنا ۽ 8ورهين جو پٽ بلاول ڪافي عرصي کان ٿيليسيميا ۾ مبتلا آهن عباس علي مڱڻهار چيو ته وس آهر ٻارڙن جو علاج ڪرائي رهيو آهيان، پر تڪليف سبب سڄي رات روئي روئي گذارين ٿا پورهيت مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻارڙن جو سرڪاري خرچ تي بهتر علاج ڪرائي حياتي بچائي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو