اچو ته گڏجي ڪراچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪريون: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب پنهنجي فتح کي پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن جي نالي ڪندي چيو ته اڄ به پنهنجي موقف تي قائم رهي ڪراچي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو.نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سموريون پارٽيون گڏ ٿي ڪراچي جي حمايت ڪن.ان کان اڳ ڪارڪنن کي خطاب ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته مخالف سياسي پارٽين جي ڪوششن باوجود ليڊر بڻجي ويو آهيان.مرتضيٰ وهاب چيو ته اڄ اهو نعرو سچ ٿي ويو آهي، ڪيترا ڀٽو ماريندؤ، هر گهر مان ڀٽو نڪرندو.هن چيو ته اهو رڳو ٽريلر آهي، اصل ۾ بلاول ڀٽو کي عام چونڊن ۾ وزيراعظم بڻائڻو آهي.ميئر ڪراچي چيو ته بلاول ڀٽو جي وزيراعظم ٿيڻ تائين ان جوش کي برقرار رکڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو