اڄ ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي.گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ طوفاني برسات پئي، غيرمعمولي ٿڌ سبب درياهن ۾ پاڻي بيهجي ويو.ڪوئيٽا زيارت هاءِ وي ڪيترن ئي هنڌن تي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي ويو، گاهه، فصلن، باغن ۽ سولر پينلز کي پڻ نقصان پهتو.ٻئي طرف جهنگ ۽ سرگوڌا سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات پئي.شڪائي وادي ۽ اسپين ۾ گجگوڙ، آزاد ڪشمير جي وادي نيلم ۾ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو