اپيڪس ڪميٽي جو ڪرم ۾ قائم سمورا بنڪر ختم ڪرڻ جو فيصلو

اپيڪس ڪميٽي جو ڪرم ۾ قائم سمورا بنڪر ختم ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ ٿيل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪرم ضلعي مان سمورا بنڪر ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪور ڪمانڊر پشاور، چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي، آءِ جي ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ صوبائي حڪومت پاران کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن کي ڪرم جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي.اجلاس کي گرينڊ جرگيءَ پاران پيش رفت کان آگاهه ڪيو ويو.اجلاس ۾ ضروري سامان جي فراهمي ۽ ڪرم ۾ امن لاءِ فيصلا ڪيا ويا ۽ پائيدار امن لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي.خطي ۾ هٿيارن جي خاتمي ۾ پڻ اڳڀرائي ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو