بجيٽ ۾ گاڏيون ۽ موبائل سستيون، پيٽرول ۽ انٽرنيٽ مهانگي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي دور جي ٽئين بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي. پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال 2021-22 جي وفاقي بجيٽ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين پيش ڪئي. هن چيو ته حڪومت موبائيل فون سيٽ ۽ 850 سي سي کان گهٽ گاڏين تي ٽيڪس جي رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته انٽرنيٽ سروس ايس ايم ايس تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پيٽروليم ليوي جيڪا هلندڙ سال 260 ارب گڏ ڪئي وئي اها ايندڙ بجيٽ ۾ 450 ارب وصول ڪرڻ جو ٽارگٽ رکيو ويو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته حڪومت پيٽرول جي قيمت وڌيڪ مهانگي ڪندي.

Photo PID

شوڪت ترين جي تقرير شروع ٿيندي ئي اپوزيشن پاران سخت گوڙ ۽ نو نو جا نعرا هنيا ويا. ناڻي واري وزير زراعت سميت مختلف شعبن جي ترقي لاءِ رکيل بجيٽ جا تفصيل پيش ڪيا. هن عمران خان جي حڪومت کي ورثي ۾ مليل مالي مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن نه گذريل حڪومتي دورن ۾ معيشت کي غير مستحڪم ڪيو ويو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌايو ويو ۽ رپئي جي قدر کي مصنوعي طور تي بحال رکيو ويو. وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال زراعت ۽ صنعتي شعبي ۾ غير معمولي ڪارڪردگي رهي، هن سال آبادگارن کي 3 هزار 100 ارب جي آمدني ٿي، گذريل سال 2 هزار ارب هئي. هلندڙ سال في ڪس آمدني ۾ 15 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ٽيڪس وصولين ۾ شاندار اضافو ٿيو ۽ 18 سيڪڙو واڌ ٿي. هڪ موقعي تي اپوزيشن وارا سيٽون ڇڏي اسپيڪر جي روسٽرم آڏو گڏ ٿي نعرا هڻڻ لڳا ته اسپيڪر کين هٽائڻ جو حڪم ڏنو ان دوران شوڪت ترين ڪجهه دير لاءِ تقرير روڪي ورتي.  اپوزيشن وارن نعرا هنيا ته گلي گلي ۾ شور هي عمران نيازي چور هي. بهتري جو سبب معيشت ۾ بهترين ڪارڪردگي هو، جڏهن ته ٽيڪس وصولين ۾ 4 هزار ارب رپين جي نفسياتي حد پار ڪئي. ايڪسپورٽ ۾ هن سال 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب رپين مان سرپلس ٿي ويو آهي. رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿيو، ڊالر جي ڀيٽ ۾ 155 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو