اپوزيشن ايوان ۾ ڳالهائڻ نه ڏيندي ته اسان به هنن جي نه ٻڌنداسين،قريشي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان کي ايوان ۾ ڳالهائڻ جو حق ناهي ته اپوزيشن کي به ايوان ۾ ڳالهائڻ نه ڏينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي زمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو. شاهه محمود قريشي افغان امن عمل، خطي جي صورتحال ۽ ملڪ جي سياست ۾ اپوزيشن جي رويي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته افغان امن عمل هڪ انتهائي نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. افغانستان جي نائب صدر ۽ نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر جا بيان صورتحال کي خراب ڪرڻ جو سبب هئا. الزام لڳائڻ سان ڪنهن به ڌر کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. پنهنجي ڪوتاهين لڪائڻ سان ڪوبه حل نه نڪرندو. افغان قيادت ويهي پنهنجا مسئلا حل ڪري. افغان قيادت پاڻ ۾ ويهي هڪ ٻئي جي لاءِ گنجائش پيدا ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جو گڏيل عزم، هن خطي جو امن ۽ استحڪام آهي. پاڪستان پنهنجي زمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو. ڀارت ۾ اڄ ڇڪتاڻ واضح نظر اچي رهي آهي. ڀارت هن وقت سيڪيولر ۽ هندوتوا سوچ ۾ ورهائجي چڪو آهي. اتي اقليتي دٻاءُ ۾ آهن. هو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن. ڀارت ۾ وڏو طبقو مودي سرڪار جي حڪمت عملي رد ڪري چڪو آهي. ڀارت کي اسپائلر جي بجاءِ خطي جي امن لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.بجيٽ جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته اپوزيشن مهذب طريقي سان اظهار ڪري. ايوان ۾ اپوزيشن ميمبر ماڻهن کي مڇرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سمورن ميمبرن کي بجيٽ تي ڳالهائڻ جو حق آهي جيڪا تنقيد ڪرڻي آهي ضرور ڪريو، پنهنجي ڳالهه ڪريو ۽ حڪومت موقف نه ٻڌو اهو مناسب ناهي. هڪطرفي ٽريفڪ ناهي هلندي. جيڪڏهن اپوزيشن اسان جي نه ٻڌندي ته اسان به انهن جي نه ٻڌنداسين. جيڪڏهن عمران خان کي ايوان ۾ ڳالهائڻ جو حق نه ڏنو ويندو ته مخالف ڌر کي به اهو حق نٿو ملي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو