اٺ فيبروري تي پ پ ڪامياب ۽ بلاول وزيراعظم بڻجندو: مراد شاهه

سيوهڻ ( ن س) اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اٺ فيبروري تي پ پ ڪامياب ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجندو،سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلاول ڀٽو لاهور، لاڙڪاڻي ۽ قمبر واري تڪ تان چونڊ وڙهي رهيو آهي، پ پ مخالف پنج سال گم ٿي ويندا آهن ۽ چونڊن ۾ ظاهر ٿيندا آهن،سندس چوڻ هو ته حالتون ڪڏهن به بهتر ناهن هونديون، دهشتگردي جو مسئلو ملڪ ۾ آهي، پ پ دهشتگردن جي نشاني تي رهي آهي، جيڪڏهن چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿي ويندا،هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجي پنهنجي ناني ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي مشن کي پورو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو