گهوٽڪي (ن س)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايتن تي ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن خلاف ڪارروائين جو سلسلو جاري، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي جو ڀاڻ جي گودامن تي ڇاپو، هڪ لک روپيا ڏنڊ لاڳو. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي آغا شير زمان جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي امتياز محسن من پسند اگهه تحت ڀاڻ وڪري بابت شڪايتن تي آريان فرٽيلائزر ۽ ديپ فرٽيلائز ڏهرڪي مٿان 50-50 هزار روپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف مختيارڪار گهوٽڪي بازار جو دورو ڪري عام واهپي جون شيون من پسند اگهه تي وڪرو ڪندڙ دوڪاندران مٿان 8 هزار ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
