ملير( شهزادو مستوئي) عدالتي حڪم تي عمل ڪندي اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر ملير طرفان ملير ۾ هلندڙ غير قانوني پيٽرول پمپن ۽ ڊيپوز خلاف ڪاروائي ڪندي ضلعي جي سب ڊويزن بن قاسم، ابراهيم حيدري ۽ گڏاپ ۾ ڪيترائي پمپ سِيل ڪري ڇڏيا ان ڏس ۾ اي ڊي سي ون ملير زين العابدين ميراڻي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته عدالتي حڪم ۽ ڊي سي ملير جي هدايتن تي مٿين سب ڊويزنن ۾ قائم پمپ جنهن ۾ فلٽر پلانٽ، قومي شاهراھ ، لنڪ روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ هلندڙ غير قانوني پيٽرول پمپن تي ڇاپا هنيا ويا آھن.










