ڇاپا،ڀاڻ جا 2 گودام سيل، ڀاڻ مقرر اگهه تي وڪرو ڪريو، ٽالپر

گھوٽڪي (ن س )ڀاڻ مقرر اگهه تي وڪرو ڪريو، اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙه جا مختلف گودامن تي ڇاپا، 2 گودام سيل ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙه ردا زهرا ٽالپر من پسند اگهه تحت ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪارروائين جو سلسلو شروع ڪندي 4 گودامن تي ڇاپا هڻي 2 گودامن کي سيل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڀاڻ جون 4 سئو ٻوريون مقرر قيمت تحت آبادگارن ۾ وڪرو ڪرائي ڇڏيون. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ يا ذخيره اندوزي کي قبول نه ڪيو ويندو، خانڳڙه تعلقي جا ڊيلر مقرر اگهن تحت ڀاڻ وڪرو ڪن ٻي صورت ۾ مٿن ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو سلسلو به شروع ڪبو، گودام سيل ڪرڻ جو مقصد، مقرر اگهن تحت ڀاڻ وڪرو ڪرائڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه موقعي پرستن سبب ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪئي ٿي رهي آهي ان باوجود اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته هتان جي حقيقي آبادگارن کي مقرر اگهن تي ڀاڻ ملي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو