دورا،اجلاس منعقد،ذخيروڪندڙاسٽورن تي ڪيس داخل،ڏنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي هدايتن تي هفتيوار شيڊول موجب اسسٽنٽ ڪمشنر صدر زارا زاهد ، چيف ڊرگ انسپيڪٽر غلام علي لاکو سان گڏجي صدر ۾ قائم مختلف فارميسيز جو معائنو ڪيو، جڏهن ته صدر ۾ واقع NMI اسپتال جي فارميسي جو پڻ معائنو ڪيو. ڊرگ انسپيڪٽر پاران اسمگل ٿيل دوائن جو ذخيرو ڪرڻ تي اين ايم آءِ اسپتال خلاف ڊرگ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ اگهه تي دوائون وڪرو ڪرڻ تي ڪيترن ئي فارميسيز تي ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو….ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر گارڊن، اسسٽنٽ ڪمشنر آرام باغ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر صدر سميت واپاري تنظيمن جي سربراهن، پوليس، رينجرز ۽ اسپيشل برانچ جي نمائندن غير قانوني رهندڙ پرڏيهين کي وطن واپسي بابت گڏيل اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن واپارين کي هدايت ڪئي وئي ته هو 10 نومبر 2023ع تائين لاڳاپيل مارڪيٽن ۾ غير قانوني پرڏيهين جي شامل نه هجڻ جا سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ جو پابند ڪيو ويو، اجلاس ڪالهه ڊپٽي ڪمشنر ڪمپليڪس ايم اي جناح روڊ ڏکڻ ڪراچي جي ڪانفرنس روم ۾ ٿيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو