ايڪنڪ اجلاس،411 ارب روپين جي منصوبن جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اقتصادي ڪونسل(ايڪنڪ) جي ايگزيڪٽو ڪميٽي مختلف شعبن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 411.01 ارب روپين جي 19 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي.رپورٽ موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ايڪنڪ جي اجلاس ۾تهاڪوٽ ۽ راءِ ڪوٽ وچ ۾ قراقرم هاءِ وي(ڪي ڪي ايڇ) جي نئين سري سان ترتيب جي لاءِ عالمي بينڪ جي ملٽي ملين ڊالر جي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي جنهن جي لاڳت 13.067 ارب يوآن آهي.اجلاس ۾ سينٽرل ڊوالپمينٽ ورڪنگ پارٽي(سي ڊي ڊبليو پي) جي مختلف اجلاسن ۾ تجويز ڪيل 21 ايجنڊائن تي غور ڪيو ويو ۽ 19 منصوبن جي منظوري به ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو