ايڊيشنل آءِ جي، جي مداخلت، شاگردياڻي سان زيادتي جو مک ملزم گرفتار

سکر(امداد ڪلوڙ) ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽ جميل احمد جي مداخلت تي سوڀو ديرو ويجهو خانگي اسڪول آڪسفورڊ جي استاد ممتاز چنا سميت 3 جوابدارن خلاف چوٿين درجي جي شاگردياڻي سان مبينه لڄالٽ جو ڪيس داخل، مک جوابدار گرفتار ڪري ڇوڪري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ اسپتال موڪليو ويو آهي. ٽي هفتا اڳ ڪچي جي ڳوٺ عبد الله چنا جي رهواسڻ شاگردياڻي (ف) کي اسڪول اندر استاد ممتاز چنو ۽ سندس ٽن ساٿين مبينا طور لڄالٽ جو نشانو بڻائي کيس زهر ڏنو هو. ايڊيشنل آءِ جي، جي مداخلت بعد ايس ايس پي خيرپورعمر طفيل متاثر شاگردياڻي جي ڳوٺ پهتو ۽ نينگري جي پيءُ جي فرياد تي ٽيپاڻي بهليم ٿاڻي تي جوابدارن ممتاز چنو،رجب چنو۽ ليمون چنو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس مک جوابدار استاد ممتاز چنا کي گرفتار ڪري ورتو ۽ سندس ميڊيڪل ڪرايو پيو وڃي. ان کان اڳ خيرپور وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او زليخان انصاري سوڀوديرو ڀرسان ٽيپاڻي بهليم ٿاڻي تي نينگري کي گهرائي سندس بيان قلمبند ڪيو، نينگري چيو ته مونکي استاد ممتاز چنو چيو هو ته موٽر سائيڪل تي اسڪول هلون ٿا ۽ اتي آفيسر آيا آهن، جيڪي توهان کي پوزيشن کڻڻ تي انعام ڏيندا، جڏهن اسڪول پهتاسين ته اتي ٽي ماڻهو ٻيا به موجود هئا، جن کي ڏسي سڃاڻينديس، استاد ممتاز چنو مونکي ڪمري ۾ وٺي دربند ڪري مونسان ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون رڙيون ڪيون ته هن منهنجي وات تي هٿ ڏئي دوا وات ۾ وڌي ۽ پوءِ مان بيهوش ٿي ويس جنهن بعد مونکي گمبٽ اسپتال ۾ هوش آيو. پوليس وٽ فرياد کڻي وياسين پر هنن جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرن کان اهو چئي معذرت ڪئي ته هو ڏاڍا مڙس آهن.  ايس ايڇ او ٽيپاڻي بهليم منظور احمد شيخ جو چوڻ آهي ته ثبوت ڪو ڪونهي ۽ ايترن ڏينهن بعد ميڊيڪل جو به نتيجو مشچيو ته متاثر نينگري جي وارثن نينگري جا ڪپڙا به ڌوئي ڇڏيا آهن، 20 مئي تي مون وٽ آيا ۽ ميڊيڪل جو به نتيجومشڪل نڪري. ان جي باوجود با اثر معاملي کي راڄوڻي ذريعي نبيرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو