ايڇ آءِ وي سبب هڪ وڌيڪ ٻارڙي فوت، عطائي ٻيهر سرگرم

رتوديرو(فدا حسين لاشاري) رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي موت جو راڪاس هڪ وڌيڪ معصوم نياڻي کان حياتي کسي ورتي، چئن مهينن ۾ مرندڙ ٻارن جو انگ 33 ٿي ويو آهي. حڪومت جي ٿڌائپ سبب عطائي ڊاڪٽر وري سگرم ٿي ويا بند ڪيل ڪلينڪس کولي ڪم شروع ڪيو اٿائون جنهن سبب وائرس ڦهلجڻ جو وري خطرو وڌي ويو آهي. ڳوٺ ساٿي خان بوزدار ۾ 2 ورهين جي صوبيه ايڇ آءِ وي وائرس وگهي فوت ٿي وئي آهي.  ٽي مهينا 25 ڏينهن گزرڻ باوجود رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز تي ضابطو نه اچي سگهيو ٻن ڏينهن ۾َ ٻه گلڙن جهڙا معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا نادر شاه ۾ گزريل ڏينهن ڏيڍ سالن جي اجوا ڌي عبدالحفظ سومرو فوت ٿي وئي ۽ اڄ يوسي وڏا ٻوسڻ جي ڳوٺ ساٿي خان بوزدار ۾ 2 سالن جي صوبيه فوت ٿي وئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو