ايوب جو لاش ڪڍي ڦاسي ڏني وڃي،خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي تقرير دوران مخالف ڌر جي سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق خاموش رهڻ جي تلقين ڪندي چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جي تقرير دوران ڪو به نه ڳالهايو بچاءَ واري وزير خواجا آصف، ايوب خان تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ ۽ لاش قبر مان ڪڍي ڦاهي تي ٽنگڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته عمر ايوب آرٽيڪل 6 جو وڏو ذڪر ڪيو، پي ٽي آءِ منهنجي خلاف به آرٽيڪل 6 لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، آرٽيڪل 6 لڳائڻ جي حمايت ڪيان ٿو، 1958 کان وٺي 2022 تائين آئين ٽوڙيو ويو، ضرور آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي، شروعات ايوب خان کان ٿيڻ گهرجي. خواجا آصف جي ريمارڪس تي اپوزيشن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ نعريبازي به ڪئي. بچاءَ واري وزير چيو اڃا ته شروعات آهي، هاڻ ئي اپوزيشن کي مرچ لڳي رهيا آهن، ايوب خان قران ۽ سائي پرچم تي حلف ورتو ۽ ڀڃڪڙيون ڪيون، ايوب خان جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ اڄ تائين ملڪ پيرن تي نه بيهي سگهيو، ايوب خان ملڪ ۾ پهريون مارشل لا هنيو. هن چيو ته اسپيڪر جي ڪرسي تي ويهي آئين ٽوڙيو ويو هو، پوءِ عدالت اسيمبلي بحال ڪئي هئي. اپوزيشن جي گوڙ تي اياز صادق چيو ته عمر ايوب جي تقرير تي حڪومتي ميمبر چُپ رهيا، تنهن ڪري هاڻ اپوزيشن ميمبر به خاموشي سان تقرير ٻڌن.

پهنجو تبصرو موڪليو